لاهور-21 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه
گجر چوڪ ماڊل ٽائون ۾ سستي ڪرسمس بازار جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان
موقع?? تي اسسٽنٽ ڪمشنر ماڊل ٽائون صاحبزاده محمد يوسف، يوسي 226 جو
چيئرمين چوڌري يوسف جاويد، پاسٽر فرحان ايرڪ، ڪوآرڊينيٽر گلريز خان ۽
ٻيا موجود هئا. ان موقع?? تي وفاقي وزير چيو ته حڪومت اقليتن جي تحفظ لاءِ
سمور?? وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. ڪرسمس جي موقع?? تي سستي بازار
م??يح?? برادري لاءِ پنجاب حڪومت طرفان تحفو آهي. هن چيو ته مان هميشه
اسيمبلي ۾ اقليتن جي بهتري جي ڳالهه ڪئي، مان پنهنجي تڪ مان 70 هزار
م??يح?? برادري جا ووٽ کڻي اسيمبلي پهتو آهيان، تڪ ۾ جلد ترقياتي رٿائن جي
ش??وع??ت ڪئي ويندي، وفاقي وزير مقامي ڪرسچن ڪميونٽي کي قبرستان لاءِ
جاءِ جي فراهمي جي خاطري ڪرائي. ان کان اڳ سستي ڪرسمس بازار جو
دورو ڪيو.