اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ??هره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ س??ورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز ??ٿاريو، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي، ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل ??و مطالبو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ ڪشميري پارٽين تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي آزادي ??و مطالبو ڪيو. هن چيو ته ڄمون ?? ڪشمير تڪرار کي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته 15هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ او آءِ س?? جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50هين اجلاس ۾ ڪشمير ڪاز ??ي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون. هن چيو ته ڄمون ?? ڪشمير تي او آءِ س?? جي رابطا گروپ جا ٽي اجلاس هن سال مئي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ٿيا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ?? ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ هر ممڪن سياسي ۽ سفارتي ڪوششون جاري رکندو.