اسلام آباد – 29 آڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامرس، ٽيڪسٽائيل ۽ انڊسٽري وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، ٽيڪسٽائيل ٽاسڪ فو??س جو سربراهه حسن بشير، فنانس س??ڪر??ٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ اسپيشل فنانس س??ڪر??ٽري عمر حميد خان پڻ موجود هئا. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ سيڪٽر جي جولاءِ ۽ آگسٽ جي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي ڪليمز فارم ايڇ بدران پراڻي اي ار ايس نظام تحت ڀرڻ ۽ ادا ڪرڻ جو وفد جو مطالبو تسليم ڪري ورتو.