اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊن ۾ ش??اف??ت تي زور ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلي جو احترام ڪندي، سينيٽ چونڊن ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ هارس ٽريڊنگ جي تاريخ گواه آهي، چاهيون ٿا ته سينيٽ جا ميمبر شفاف طريقي سان چونڊجي اچن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن سينيٽر سجاد خان طوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو صلاحڪار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ان موقعي تي ايندڙ سينيٽ چونڊن جي حڪمت ع??لي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.