اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي 3 رڪني ڪميٽي سان ملاقات ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اها ڪميٽي گذريل مهيني ڌرڻو هڻندڙ 13 خاندانن جي نمائندگي ڪ??ي رهي آهي، وزيراعظم عمر??ن خان ان موقعي تي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان کي ٽ??سڪ ڏنو ته هو فوري طور تي انهن گم ٿيل ماڻهن جي درست صورتحال معلو?? ڪري. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪميٽي کي اڳڀرائي کان آگاهه رکيو ويندو.