فيصل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا وبا سڄي دنيا جي ملڪن کي بري طرح متاثر ڪيو پر اسان ان دوران موثر پاليسيون جوڙيون ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي روزگار جي فراهمي جاري رکڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي وئي اهو ئي سبب آهي جو ڪورونا وبا دوران جتي عالمي سطح تي سموريون معاشي سرگرميون مفلوج ٿي ويون اتي پاڪستان ۾ صن??ت ۽ واپار جو ڦيٿو هلندو رهيو جڏهن ته ٽيڪسٽائيل جي صن??ت جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي انقلابي قدم کنيا ويا جنهن سان سڌوسنئون ر??ان??ي واپار ۾ اضافو ٿيو ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿي، ٻئي طرف اربين ??پين ??ي آسان قرضن جي فراهمي سان گڏوگڏ ريفنڊز جي رقم به ادا ڪئي وئي، ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان چونڊ سڌارن جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان مخالف ڌر کي آڇ ڪريون ٿا ته اها هر اليڪشن کانپوءِ ڌانلي جو گوڙ ڪرڻ بدران پارليامينٽ ۾ ويهي چونڊ سڌارن کي يقيني بڻائي ته جيئن اهڙا چونڊ سڌارا آڻي سگهجن ۽ اي ووٽنگ جو طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن کي به هڪ ٻئي تي ڌانڌلي جو الزام لڳائڻ جو موقعو نه ملي سگهي. سرڪٽ هائوس ??يصل آباد ۾ صحافين ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته احساس پروگرام ذريعي ملڪ ۾ سماجي تحفظ جو سڀ کان وڏو پروگرام شروع ڪيو ويو ۽ پهريون ڀيرو غربت جي سطح کان هيٺ زندگي گذاريندڙن کي ميرٽ تي مڪمل شفافيت سان مالي امداد جي فراهمي يقيني بڻائي وئي.