اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) افعانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد افغانستان کي خوشحاليءَ ج?? راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ علائقا??ي واپار ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. پاڪ- چين اقتصادي راهداري بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو وڌيڪ فعال راهداري?? مان هڪ آهي، جنهن تحت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري زراعت، صنعت ۽ سماجي اقتصادي خوشحالي جي منصوبن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪ??ي وئي آهي. اخبار موجب بيلٽ اينڊ روڊ اني ايشٽو ڊگهي مُدي واري اقتصادي ۽ ڍانچي جي ترقي جي رٿا آهي جيڪا مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي جنهن جو مقصد انسانيت جي گڏي?? مستقبل سان گڏوگڏ هڪ برادريءَ ج?? تعمير ڪرڻ آهي. ان ۾ افغانستان ۾ اُتان جي برادريءَ ج?? نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيندڙ سمورو مڪينزم موجود آهي. هوڏانهن طالبان ترجمان ۽ سياسي ڪميشن جي سربراهه افغان عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ چين سان ڀائيواريءَ ج?? خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته طالبان عالمي سيڙپڪاريءَ ج?? آجيان ڪري رهيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڀري رهيا آهن ته اهي افغانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکن، جڏهن ته پنهنجي پاڙيسرين خاص طور تي چين ۽ پاڪستان کي يقين ڏياريو آهي ته اهي دهشتگردن کي افغان ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن طالبان پنهنجا وعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ان سان پوري خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقيءَ کي هٿي م??ند??.