اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي دنيا جي اتحاد تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي ڏيڍ ارب آبادي جي نم??ئنده اداري طور اسلامي تعاون تنظيم جي مضبوط آواز ڪشمير ۽ فلسطين جي پراڻن مسئلن جي حل لاءِ انتهائي ضروري آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وزيراعظم پاڪستان جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ او آءِ سي پرڏيهي و??ير?? واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي پنهنجي اهم خطاب ۾ چيو ته ا??ان فلسطينين ۽ ڪشميرين ٻنهي کي مايوس ڪيو آهي. مون کي افسوس آهي جو ا??ان ڏيڍ ا??ب جي وڏي آواز هجڻ جي باوجود پنهنجو اثر نه وجهي سگهياسين. مسلمان ملڪن جي 57 رڪني تنظيم جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس جنهن جو عنوان ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري قائم ڪرڻ“ آهي، پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي گڏيل مقوعن تي روشني وڌي وئي. اجلاس ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري ح??ين براهيم طحه، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر، سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود، چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ ٻين پرڏيهي و??ير?? شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا، عالمي تڪرارن ۽ افغانستان، ڪشمير، فلسطين ۽ يوڪرين جي صورتحال سميت ٻين مسئلن طرف ڌيان ڇڪرايو. عمران خان چيو ته عالمي برادري ڪيترائي ڏهاڪا اڳ ڪشميرين ??ان اهو واعدو ڪيو هو ته اهي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪندا. جڏهن ته هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪيو ويو آهي ۽ اتان جي رهواسين کي انساني حقن جي سنگين صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته جيستائين ا??ان متحد نه ٿينداسين، ا??ان ظلم ڏسندا رهنداسين. هن چيو ته ڪشميري مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جنيوا ڪنوينشن تحت جنگي ڏوهه آهي. عمران خان خبردار ڪيو ته دنيا سرد جنگ طرف وڌي رهي آهي، ملڪ بلاڪس ۾ ورڇ ٿيڻ جا امڪان آهن. هن چيو ته جيستائين ا??ان اسلامي پليٽ فارم طور تي متحد نه ٿينداسين، ا??ان ڪٿي به نه بيهنداسين، يوڪرين جي صورتحال تي هن اهڙي طريقيڪار تي غور ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن تحت چين ??ان گڏوگڏ او آءِ سي ملڪ وڌندڙ تڪرارن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.