سيالڪوٽ – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته لنڊن ۾ مافيا پنهنجو مال بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهيو آهي، اڳواڻ کي بيمار چئي ضمانت وٺ??دڙ انهي اپارٽمينٽ ۾ ڳٺ جوڙ ڪ??ي رهيا آهن، کربن جي اپارٽمينٽ ۾ ويهي عوام جي درد جون ڳالهيون ڪ??ي رهيا آهن، انهن جي معاشي پاليسين جي ڪري عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي، شريف فيملي ساٿين سميت لنڊن بد??ان پاڪستان ۾ اجلاس ڪري. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف لنڊن اپارٽمينٽس جي ملڪيت کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو، سسيلين مافيا چورائيندڙ گاڊ فادر اڄ انهي اپارٽمينٽ ۾ سياسي اجلاس ڪ??ي رهيو آهي، هن چيو ته عدالتن کي گهربل ۽ فرار ماڻهو جيڪو قانون جو ڏوهاري ۽ جوابدار به آهي، پاڪستان ۾ قانون ۽ عدالتون کيس گهرا??ي رهيو آهن.