سيالڪوٽ – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان ۾ حالتون سازگار ٿي رهيون آهن ۽ اڄ دنيا هتي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، اسان کي پاڻ به ان جي تياري ڪرڻي پوندي، صنعتن جي فروغ لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻو پوندو، ڪامي??ب جوان پروگرام پنهنجي شفافيت ۽ افاديت جي لحاظ کان ان حوالي سان فائديمند ??اب?? ٿيندو، هن وقت ملڪ ۾ عمران خان جهڙو ديانتدار وزيراعظم اڳواڻ آهي، هي آزمائش جو دور آهي پر ان جي باوجود حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز ??ريعي 10 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ ڪامي??ب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.