اسلام آباد – 09 سي??ٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت اڏاوتن ۽ ايس ايم ايز جي فروغ ت?? خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون پر سموريون ممڪن مراعتون به فراهم ڪيون وينديون. هو سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيز بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير حماد اظهر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سي??يٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر جو چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ٻيا سي??ئر آفيس?? شريڪ هئا.