اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترجيحي شعبن جي هفتيوار جائزي جي سلسلي ۾ زراعت جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، مخدوم خ??رو بختيار، سيد فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسو??ءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي پائيدار ترقي واري پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تع??ون سان ٺاهيل فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ کي فني طور تي مڪمل ڪري فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي، ان کانسو??ءِ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ جي مدد سان فيصلا سازي ل??ءِ گهربل ڊي??ا کي حاصل ڪرڻ کي صوبن جي مدد سان يقيني بڻايو پيو وڃي، ان جي ل??ءِ صوبن جي لاڳاپيل کاتن جي صلاحيت وڌائي پئي وڃي، اهو به ٻڌايو ويو ته ڊي??ا حاصل ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري ذريعن کان يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڊيش بورڊ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ کانسو??ءِ گهٽ مدي واري جنسن جهڙوڪ ڀاڄين جي کپت ۽ دستيابي جي نگراني به ڪئي ويندي.