اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??ڪس??ان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان آمريڪا کي افغانستان جي خلاف پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسان شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جا حا??ي آهيون، عالمي برادري ڀا??ت جي بليڪ مارڪيٽ ۾ يورينيم جي غير قانوني وڪري جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، تابڪار مادي جو غلط هٿن ۾ وڃڻ انساني جانين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، عالمي ميڊيا پاران ايتري اهم واقعي کي نظرانداز ڪرڻ افسوسناڪ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ڪورس جي غير ملڪي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڪورس هيٺ 12 ملڪن سان تعلق رکندڙ فوجي آفيسرن صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر دهشتگردي جي خلاف پ??ڪس??ان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پ??ڪس??ان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي. پ??ڪس??ان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70،000 جانين ۽ 150 بلين ڊالر جي معاشي نقصان کي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. افغانستان جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي صدر چيو ته پ??ڪس??ان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان سڀ کان وڌيڪ فائدو افغانستان کانپوءِ پ??ڪس??ان کي ٿيندو. هن چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار سان سڀ کان وڌيڪ متاثر به پ??ڪس??ان ٿيو آهي، افغانستان ۾ جنگ پ??ڪس??ان جي معيشت ۽ سيڪيورٽي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، صدر چيو ته پ??ڪس??ان شروع کان افغان مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي حل جو حا??ي رهيو آه??، جنگ تڪرارن جو حل نه آهي ڇو ته ان سان انساني اذيت ۽ تڪليف ۾ اضافو ٿيندو آهي،