اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وڻڪاري جي فروغ لاءِ اسڪولن ۾ ننڍڙن ٻارن جي ترغيب ضروري آهي، تفريحي جاين کي صاف سٿرو رکڻ اسان جي اولين ذميواري آهي، موسمياتي تبديلي وا??ي و??ارت جي ڪارڪردگي مثالي آهي، ماح??لي??ت جي ت??فظ لاءِ زرتاج گل ۽ ملڪ امين اسلم بهترين ڪم ڪيو آهي، پاڪستان وڻڪاري ۽ ڪوويڊ 19 جي حوالي سان زبردست ڪم ڪيو آهي، نوجوان نسل پاڪستان کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ ۾ ڀرپور حصو وٺي، رستن ۽ کليل جاين تي هنيل وڻن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، گهر ۾ هنيل وڻن جي بهترين سارسنڀال سان انهن جي و??ڌويجهه بهتر ٿئي ٿي، ٻارن ۾ ماح??لي??ت جي حوالي سان شعور اجاگر ڪري بهتري آڻي سگهجي ٿي. صدر هتي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مون ۽ ثمينه علوي حڪومت کان هڪ هڪ لک وڻ وٺي ماڻهن ۾ ورهايا ته جيئن ڪراچي ۾ وڻڪاري کي فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان اسڪول جي ننڍڙن ٻارن جي لاءِ خاص پينسلون تيار ڪرايون جن ۾ رٻڙ جي جڳهه تي خاص ڪيپسول لڳرائي انهن ۾ ٻج رکيا ۽ مختلف اسڪولن ۾ ننڍن ٻارن کان وٺي وڏي ڪلاس تائين جي ٻارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ وڻڪاري جي حوالي سان انهن کان معلومات ورتي. هن چيو ته خاص طور تي تيار ڪيل پينسلون اسڪول جي ٻارن کي ڏئي انهن کي چيو ته انهن کي پنهنجي گهرن ۾ گلدان ۾ لڳائين ته خوبصورت ٻوٽا نڪرندا. صدر چيو ته ڀاڻ ۽ دوائن جا اثر دير تائين رهن ٿا ان لاءِ انهن جي استعمال ۾ احتياط جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماح??لي??ت جي حوالي سان مملڪتي و??ير زرتاج گل ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ امين اسلم جي ڪارڪردگي شاندار آهي. هن چيو ته ماح??لي??ت وا??ي و??ارت پنهنجي ڪارڪردگي سان دنيا کي ثابت ڪيو آهي ته ماح??لي??ت جي بهتري لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 جي و??ا دوران جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون دنيا انهن کي به تسليم ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماح??لي??ت وا??ي و??ارت عالمي اداري کان آڊٽ ڪرائي آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته انهن پنهنجي وا??دي کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته جڏهن اترين علائقن ۾ وڃو ته اتي ڪچرو نظر اچي ٿو جنهن سان قدرتي حسن متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته بزرگن جي ڀيٽ ۾ نوجوان نسل ماح??لي??ت دوست آهي ۽ اهي ماڻهن کي ان حوالي سان آگاهي پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. صدر هدايت ڪئي ته سياحتي جاين تي ريپرز، بوتلون ۽ ڪچرو نه اڇلايو وڃي پر ان کي مناسب طريقي سان تلف ڪيو وڃي. هن چيو ته جڏهن انسان فطرت جي ويجهو هوندو آهي ته ان کي سڪون ملي ٿو انهي لاءِ ماڻهو فطرت جي ويجهو رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سياحتي جاين تي ايندڙ ماڻهن کي صفائي ۽ ماحول دوستي جي حوالي سان خاص پيغام ڏنو وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ اسان پنهنجي ذاتي لالچ جي لاءِ پاڪستان جي قدرتي خوبصورتي کي متاثر ڪيو آهي جڏهن ته هاڻي حڪومت باقاعده منصوبابندي سان فطرت جي ت??فظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. صدر چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سياحت وڌي رهي آهي ۽ اهڙي طرح روزانو 5، 5 اڏامون اسڪردو وڃي رهيون آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪل آبادي 15 لک جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته هلندڙ سال اتي 20 کان 25 لک سياحن جي آمد متوقع آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ماح??لي??ت جي حوالي سان مختلف مسئلن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر چيو ته اسان جو فرض آهي ته اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ ترجيحون طئي ڪريون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني عوام تي زور ڏنو ته پاڪستان ڪلين اينڊ گرين ٺاهڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.