اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد عمير جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب محمد عمير شرجيل انعام ميمڻ ريفرنس ۾ 15 اصل پراپرٽي ڊيڊ چورايا هئا، انڪوائري کانپوءِ نيب محمد عمير کي نوڪري ??ان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، نيب اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب چيئرمين جي سروس مان ڪڍڻ جي حڪم جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، صدر نيب پاران محمد عمير کي سروس مان فارغ ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چي?? ته ڏوهه جي نوعيت جي اعتبا?? سان نوڪري ??ان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي، نيب محمد عمير جي خلاف قانون جي آخري حد تائين ڪارروائي ڪري، محمد عمير اهم ڪاغذن جو واحد نگران هو، اسٽيل جي الماري ??ان ڪاغذ چوري ??يا، الماري تائين رسائي صرف محمد عمير کي حاصل هئي، عدالت ۾ ڪاغذ پيش ڪرڻ جو واعدو به ڪي??، عين وقت تي عدالت کي ڪاغذات چوري ??جڻ جو ٻڌايو ويو جنهن جي ڪري ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي ضمانت ملي وئي، دٻاءُ وجهڻ کانپوءِ ڪاغذ برآمد ٿيا ۽ نيب کي شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو، صدر چي?? ته نيب جي تحويل مان اصل ڪاغذن جي چوري ??ڪ ڪڌو ڏوهه آهي، پاڪستاني عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وئي ۽ ادارن کي دوکو ڏنو ويو، پاڪستان کي ڪرپٽ لٽيرن جي ڪري شديد نقصان کڻڻو پيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان ۾ باهه جي ڪري ثبوتن تي مشتمل عمارتون به سڙي وينديون آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سياستدانن جي ڪرپشن ڪيسن ۾ به ڪاغذات چوري ??ي ويندا آهن. هن چي?? ته ڪاغذ حادثاتي طور تي نه پر هڪ ڪرپٽ آفيسر ڄاڻي واڻي چورايا، فائل مان صرف ضروري ڪاغذ چوري ??يا، باقي سڀ ڪاغذ موجود رهيا، چوري ڪو ٻاهر جو ماڻهو نه پر ڪيس جا تفصيل ڄاڻڻ واري ??اڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. صدر چي?? ته منهنجي لاءِ ان ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ نهايت تڪليف جو باعث آهي، ان مجرماڻي فعل جي ڪري ??وم کي اربين روپين جو نقصان ٿيو، نيب اڳوڻي آفيسر جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.