اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي شهر تر??پوره ۾ ??نت??اپسند هندوئن پاران مسلمانن جي ڪيترن ئي مسجدن، گهرن ۽ دڪانن جي ٽوڙ ڦوڙ جي ??ديد مذمت ??ئي آهي. جمعي تي پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ڀارتي شهر تر??پوره ۾ مسجدن جي ??يحرمتي ۽ مسلمانن جي ملڪيتن کي ٽوڙ ڦوڙ تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهي حملا گذريل ڪجهه هفتن کان جاري آهن جڏهن ته رياستي مشينري نه رڳو مسلمانن ۽ انهن جي ملڪيتن جي ??حفظ ۾ ناڪام رهي آهي پر مقامي مسلم تنظيمن کي مدد جي فراهمي ۾ به غير ذميدار رهي آهي. ترجمان چيو ته بي جي پي، آر ايس ايس ڳٺ جوڙ تحت هندو توا جي ??ڪارڊ 2002ع ۾ گجرات کان وٺي 2020ع ۾ نئين دهلي تائين مسلمانن جي قتل عام ۽ منظم انساني حقن جي ??لاف ورزين سان ڀري پئي آهي. اڄ هندستان ۾ اقيتلن جي لاءِ تمام گهٽ جڳهه آهي، جيڪا ??نت??ائي مذمت جي قابل آهي. ترجمان چيو ته اهو به ايترو ئي قابل مذمت آهي ته آسام ۾ مسلمانن جي ??نهن جي ڏهاڪا پراڻي گهرن مان ٽارگيٽيڊ ۽ ظالماڻي بي دخلي جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن خلاف حملن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ان جي ??فاطت، سلامتي ۽ ڀلائي ۽ تر??ي ۽ انهن جي ??بادتگاهن ۽ ثقافتي ورثي جي ماڳن جي ??حفظ کي يقيني بڻائي.