اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪستان ڀائر ملڪ شام سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ جي ضرو??ت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب جمهوريه شام جي تعليم واري وزير ڊاڪٽر داريم تبع سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پ??ڪستان ۽ شام جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت ۾ آهن. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پ??ڪستان انٽرنيشنل اسڪول دمشق ۾ شامي رهواسين کي معياري تعليم فراهم ڪندڙ هڪ ناليوارو ادارو آهي. هن چيو ته هي اسڪول شامي شاگردن کي عالمي معيار موجب تعليم فراهم ڪندو رهندو. صدر اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي طرفن مختلف شعبن خاص طور تي تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضر??رت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضر??رت تي پڻ زور ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻڌايو ويو ته پ??ڪستان شامي شاگردن ک?? پاڪستان جي پيشيواراڻي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي آڇ ڪندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر داريم تبع شا??ي قيادت پاران صدر کي مبارڪباد وارو پيغام پهاچيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو.