اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ عمان جي وچ ۾ صديون پراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ثقافت، ڀائيچاري ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن، پا??ست??ن عمان سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ پائيدار اقتصادي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ??ال??ه هن عماني واپارين جي وفد ??ان ??ال??ائيندي چئي جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.
وفد ??ي قيادت عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين رضا جمعه محمد علي الصالح ڪري رهيو هو جڏهن ته عمان کان پا??ست??ني واپاري به ملاقات ۾ ملاقات هئا. عمان جي 22 رڪني وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 ??ال?? کانپوءِ پهريون ڀيرو عماني وفد ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ پا??ست??ن جي دوري تي آهي. موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسيون سياحت جي ترقي، فشريز سيڪٽر، بندرگاهي شهرن ۾ اسٽوريج ۽ ويئر هائوسنگ ۽ گوادر ۾ ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ موزون ماحول فراهم ڪري رهي آهي. وفد ??مان ۽ پا??ست??ن جي ساحلي شهرن جي وچ ۾ فيري سروس، سي پيڪ منصوبن، خاص طور تي گوادر جي صنعتڪاري، زرعي شعبي ۽ عمان ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ زميني ۽ سامونڊي رستن تي مشتمل هڪ مجوزه ڪوريڊور ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي جيڪا وچ اوڀر، وچ ايشيا، آفريقا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا کي ملائيندو ۽ پا??ست??ن کي ان ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هوندي.
اجلاس کي ڪووڊ وبا جي دوران سمنڊ پار پا??ست??نين جي تعاون ۽ عمان ۾ پا??ست??ني قيدين جي آزادي ۾ سلطنت عمان پاران مدد جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون ۽ گڏيل واپ??ر وڌائڻ جي قدمن تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان نه رڳو ڪووڊ – 19 جي دوران عماني حڪومت ۽ واپاري برادري جو پا??ست??نين جي مدد جي آجيان ڪئي پر لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي هدايت ڪئي ته هو عمان ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر احسن، لاڳاپيل عملدار، عماني واپارين جو وفد، عمان پا??ست??ني ڄاون واپاري ۽ عمان ۾ ڪم ڪندڙ پا??ست??ني واپارين شرڪت ڪئي.