اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي حوالي سان اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آبي ??سي??ن و??رو وفاقي وزير مونس الاهي ۽ آبي ??سي??ن و??رو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي جي انتظام جي لاءِ سيٽلايئٽ ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي انتظام جي موثر نظام جي ضرورت آهي. ايئر يونيورسٽي اسلام آباد جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف ڪفايت ملڪ ۾ پاڻي جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ??يو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جي ڪري ملڪ کي ساليانو 12 ارب ڊالر جي ويجهو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي بهتر انتظام جي حوالي سان ??خت??ف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڻي جو بهتر انتظام ۽ نگراني لاءِ سڀني لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ??يو.