اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس سفير مسعود خان بابت ڀارتي ميڊيا جي بي بنياد ۽ من گهڙت پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته مسعود خان هڪ تجربيڪار ۽ سينئر سفارتڪار آهي، ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار سردار مسعود خان جي آمريڪا ۾ پا??ستاني سفير جي طور مقرري ۾ دير جي حوالي سان ڀارت جي ڪڌي پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو معاملو آمريڪي انتظاميه سان اڳتي وڌي رهيو آهي ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا رپورٽس پا??ستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي مهم جو حصو آهن، مسعود خان جي آمريڪا ۾ بطور سفير مقرري تي ڀارتي ميڊيا جي دعوائون جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ڀارتي ميڊيا رپورٽس، جعلي خبرن ۽ اسڪينڊل تي ٻڌل دعوائن ۽ بي بنياد الزامن جي ذريعي پا??ستان ۽ پا??ستان جي نمائندگي ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ جي مهم جو حصو آهن. عاصم افتخار چيو ته سفير مسعود خان انتهائي باصلاحيت سفارتڪار آهي ۽ هن کي گهڻ رخي ۽ ٻطرفي سفارتڪاري جو 40 سالن جو تجربو حاصل آهي، واضح رهي ته سردار مسعود خان سفارتي خدمتن تان رٽائرمينٽ کانپوءِ آزاد ڪشمير جي صدر جي طور تي به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هو ڀارت سان پراڻي تڪرار ڪشمير تي پا??ستان جو موقف ??جاگر ڪندو رهندو آهي.