اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته يوڪرائن جي صورتحال سان اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثر پوندا، هتي حالتن کي معمول ت?? آڻڻ ۽ فوري سيز فائر جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن ??ورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان يوڪرائن جي صورتحال ت?? ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فوجي تڪرار جاري رهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن ??وري سيز فائر ۽ حالتون معمول ت?? آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ?? سفارتڪاري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار اد?? ڪري سگهن ??ا. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ ويجهي رابطي جو خواهشمند آهي.