اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ??يٽ??ول ۽ ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سميت هڪ وڏي عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي ۽ اڳتي به عوام کي ريليف ڏيندو رهندو، قيمتون گهٽ ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ختم ڪري، عمران خان معيشت کي ڏيوالپڻي کان ٽيڪ آ?? تي پهچائي ڇڏيو، اسان جي وزيراعظم جا محل نه آهن، مني لانڊرنگ نه ڪئي ۽ نه ئي ڦرلٽ ڪئي، مخالف ڌر ڄاڻي چڪي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪيڏانهن وڃڻ واري نه آهي، اها 5 سال مڪمل ڪندي ۽ اڳتي حڪومت به پي ٽي آءِ جي هوندي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، ??يٽ??ول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10، 10 رپيا ۽ بجلي في يونٽ 5 رپيا گهٽ ڪئي آهي، عالمي سطح تي مهانگائي ٿي ته آمريڪ??، يورپ، برطانيا سميت پوري دنيا ۾ مهانگائي جو 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽُي ويو. مملڪتي وزير چيو ته ??يٽ??ول في بيرل 40 ??ال?? مان 111 ??ال??، کاڄرو تيل 400 ??ال?? مان 1300 ??ال?? في ٽن، ڪوئلو 40 ??ال?? مان 200 ??ال?? تي پهچي ويو آهي، پوري دنيا ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو اثر حڪومتن ۽ عوام تي پيو، آمريڪا ۾ مهانگائي جو 42 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، اسان جو خيال هو ته ڪوويڊ 19 کانپوءِ حالتون بهتر ۽ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيندي ته عوام کي ريليف ڏينداسين. دنيا ۾ لاجسٽڪ ۽ ٽرانسپورٽيشن مهانگي ٿي آهي، ان جا به اثر آهن، ان صورتحال ۾ عمران خان عوام تي بار وجهڻ بدران ريليف ڏنو، ??يٽ??وليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي سان اڳ ۾ به ٽيڪسز گهٽ ڪرڻ سان حڪومت 70 ارب جو بار پاڻ برداشت ڪري رهي هئي، ٽيڪس اوڳاڙيون رڪارڊ ٿيون، 8 مهينن ۾ 30 سيڪڙو ٽيڪس وڌيڪ گڏ ڪيو آهي، اڳ ۾ مخالف ڌر آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي تنقيد ڪري رهي هئي ۽ هاڻي قيمتون گهٽ ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ختم ڪري.