اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۽ ملڪ جي پٺتي پ??ل علائقن جي ترقي لاءِ سندس ح??وم?? ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ريڪوڊڪ معاهدي سان بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچستان ۾ عام شهرين جي زندگي جو معيار بدلجي ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چاغي ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻين جي ترقي بابت ٽيٿيان ڪاپر ڪمپني (ٽي سي سي) سان ڊگهي عرصي کا?? جاري ريڪوڊڪ تڪرار کي ڪاميابي سان حل ڪرڻ کا??پوءِ پاڪستان ح??وم??، بلوچستان ح??وم?? ۽ ڪئناڊا جي بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نئين معاهدي تي آچر ڏينهن وفاقي ۽ بلوچستان ح??وم?? جي نمائندن ۽ بيرڪ گولڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر مارڪ برسٽو جي قيادت ۾ وفد صحيحون ڪيون. نئين معاهدي جي شرطن موجب بيرڪ گولڊ ڪمپني ريڪوڊڪ منصوبو پاڪستاني ادارن سان حصيداري ۾ بحال ۽ تيار ڪندي. منصوبي ۾ بيرڪ گولڊ ڪمپني جو 50 سيڪڙو حصو هوندو. باقي 50 سيڪڙو حصيداري پاڪستان جي ملڪيت هوندي جيڪا وفاقي ۽ بلوچستان جي صوبائي ح??وم?? جي وچ ۾ برابر طور ورڇ ٿيندي. معاهدي تحت وفاقي ح??وم?? جي 25 سيڪڙو حصيداري کي وفاقي ح??وم?? جي ٽن سرڪاري ڪاروباري ادارن (ايس او ايز) آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل)، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) ۽ گورنمينٽ هولڊنگز پاڪستان لميٽيڊ (جي ايڇ پي ايل) ۾ برابر ورهايو ويندو. بلوچستان جو حصو هڪ ڪمپني وٽ هوندو جنهن جي مڪمل ملڪيت ۽ ڪنٽرول بلوچستان ح??وم?? وٽ هوندو. بلوچستان جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب منصوبي ۾ بلوچستان ح??وم?? جي حصي جو سرمايو ۽ آپريٽنگ خرچ وفاقي ح??وم?? برداشت ڪندي يعني ٻين لفظن ۾ بلوچستان ح??وم?? کاڻين جي ترقي تي ڪو مصارف ادا نه ڪندي ۽ ان حوالي سان خرچ وفاقي ح??وم?? برداشت ڪندي. منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ بلوچستان ۾ اٽڪل 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جنهن ۾ رستن، اسڪولن، اسپتالن ۽ کاڻيون کوٽڻ جي لاءِ ٽيڪنيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي جوڙجڪ جهڙن سماجي ترقي جي منصوبن جي لاءِ 1 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري به شامل آهي. معاهدي جي نتيجي ۾ سيڙپڪاري سان 800 کا?? وڌيڪ نيون نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ ان سان بلوچستان پاڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ??ان وڌيڪ فائدو کڻندڙ صوبو بڻجي ويندو، ريڪوڊڪ منصوبو دنيا ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻيون کوٽڻ جي سڀ کا?? وڏن منصوبن ??ان هڪ هوندو. ملڪ جي معدني دولت جي وڌ کا?? وڌ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ح??وم?? سميلٽر (خام ڌات کي پگهرڻ وارو ڪارخانو) قائم ڪرڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي. هي معاهدو گذريل ٽن سالن دوران ڳالهه ٻولهه جي ڪيترن ئي دورن کا??پوءِ طئي ٿيو آهي. آگسٽ 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان معدنيات جي کاڻين جي جلد ترقي جي مقصد تحت ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي. وفاقي ۽ صوبائي ح??وم??ن کي ان ڪوشش ۾ عالمي صلاحڪارن جي مدد حاصل هئي. ح??وم?? ان معاملي کي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ آڏو پڻ پيش ڪندي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڇي ته معاهدو سمورن قانونن موجب طئي ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۽ ملڪ جي پٺتي پ??ل علائقن جي ترقي لاءِ سندس ح??وم?? ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سيڙپڪاري سان بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچستان ۾ عام شهرين جو معيار زندگي بدلجي ويندو. وزيراعظم بلوچستان جي عوام جي لاءِ شفاف ۽ سازگار معاهدو ڪرڻ تي ڳالهين واري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کا?? اڳ وزيراعظم عمران خان سان بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئ??. پ??ڪستان ۾ ڪئناڊا جو هاءِ ڪمشنر وينڊي گلمور پڻ ان موقعي تي موجود هو.