اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ سان گڏ اي?? ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ع??ران خان جي خصوصي هدايت تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وفاقي وزير اسد عمر ۽ پرويز خٽڪ سان گڏجي اي?? ڪيو ايم جي وفد سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير وزيراعظم ع??ران خان پاران، اهم پيغام اي?? ڪيو ايم جي اڳواڻن کي پهچايو. پرڏيهي وزير چي?? ته ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو، اي?? ڪيو ايم اڳواڻن ۾ قانون وارو وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق، جاويد حنيف، صادق افختار شامل هئا.