اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ شديد زلزلي جي متاثرين جي لاءِ امدادي س??مان روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف جي هدايت تي ??اڪستان افغانستان جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي س??مان روانو ڪيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران کيپ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ خيما، ڪمبل ۽ هنگامي دوائن تي ??ڌل سامان شامل آهي. پاڪستان افعانستان جي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ 6.1 شدت جي زلزلي کان متاثر افغان خاندانن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.