اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي ايشيا پي??فڪ ريجن جي ??يم??ر ملڪن جو ٽيون ٻن ڏينهن وارو سيمينار (اڄ) اڱاري کان پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مهمانن جي آجيان، انهن جي لاءِ قومي اسيمبلي هال ۾ سيٽون مخصوص ڪرڻ سميت سڀني انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا جي نمائندن لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ داخلا جي حوالي سان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پي آر اي جي مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران قومي اسيمبلي جي 43 هين سيشن جي لاءِ جاري ڪارڊز ڪارائتا هوندا. ان کانسواءِ اسلام آباد ۾ رهندڙ فارن ميڊيا جي نمائندن، ايڊيٽرز، بيورو چيف، اينڪر پرسنز ۽ ڪالم نگارن کي جن جون ايس ڊي جيز تي لکڻيون آهن ۽ انهن وٽ قومي اسيمبلي جي 43 هين اجلاس جا ڪارڊز موجود نه آهن کي خصوصي ڪارڊز ذريعي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي افتتاحي تقريب 13 سيپٽمبر صبح 10 وڳي قومي اسيمبلي هال م ٿيندي جنهن جو خ??ص مهمان وزيراعظم محمد ??هباز شريف هوندو. سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب 14 سيپٽمبر ٽپهر 3 لڳي 15 منٽن کان 4 وڳي قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندي. ان کانسواءِ ان ٻن ڏينهن واري سيمينار ۾ مختلف موضوعن تي بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندا. ايس ڊي جيز تي آءِ پي يو ايشيا پي??فڪ ريجن جي ??يم??ر ملڪن کي ان سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي تباهين ۽ ان سان پي??ا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو، جنهن جو بنيادي سبب عالمي موسمياتي تبديليون آهن جنهن سان پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي.