نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي سياسي معاملن جي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير حنا رباني کر 55 ملين ڊالر جي امداد ذريعي ??اڪ??تان جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس جي وفدن ۽ آمريڪي عملدارن جي ??اڪ??تان جي تازي دوري ٻوڏ متاثرين ۽ ??اڪ??تاني عوام جي لاءِ آمريڪي همدرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. هن انڊر سيڪريٽري کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو، جنهن سان 33 ملين ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ته ??اڪ??تان زهريلي گئسن جي عالمي اخراج جو هڪ سيڪڙو به گهٽ جو ذميوار آهي پر ان کي موسمياتي بحران درپيش آهي. هن حڪومت جي امدادي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري پاران ڊگهي مدي وا??ي امداد جي ضرورت پوندي. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??اڪ??تان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن. مملڪتي وزير ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذڪر ڪندي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي مرڪزيت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم ڪ??ي رهيو آهي. آمريڪي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ ??اڪ??تان ۾ شديد ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا نئين سر تعمير ۽ بحالي جي عمل ۾ ??اڪ??تان جي مدد ڪندو. هن ان ڳالهه کي به ورجايو ته آمريڪا موسمياتي تبديلي، صحت، توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ??اڪ??تان سان ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيندو. مملڪتي وزير علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغانستان ۽ ان کان ٻاهر امن، ترقي ۽ استحڪام جي ضرورت تي زور ڏنو.