اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چي?? آهي ته ٻوڏ متاثرن کي صحت جي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. پنهنجي بيان ۾ هن چي?? ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ضلعن ۾ روزاني جي بنياد تي هيلٿ ڪئمپون لڳائي رهيا آهيون. هيلٿ ڪئمپون وفاقي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو ??وب??ئي ايمرجنسي پوليو سينٽرز ۽ آغا خان جي سهڪار سان لڳائي رهيا آهيون. هن چي?? ته گذريل ڏينهن سنڌ، ??ي پي ڪي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 44 جڏهن ته ??ي پي ڪي جي 8 ضلعن ۾ 16 هيلٿ ڪئمپس لڳايون وي??ن، اهڙيءَ طرح پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 4، بلوچستان جي 7 ضلعن ۾ 13 ۽ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 11 هيلٿ ڪئمپون لڳايون وي??ن. مجموعي طور 5644 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي. هن چي?? ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي 1262 ٻارن کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته هيلٿ ڪئمپس ۾ 705 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا ۽ انهن ڪئمپن ۾ 222 ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳايا ويا.