اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گاد?? واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسلام آباد جي هائوسنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻ?? واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وز??را??ظم جي صلاحڪار احد چيما، وز??را??ظم جي ناڻ?? واري خاص معاون طارق باجوه، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن ان حوالي سان وز??را??ظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وز??را??ظم هد??يت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گاد?? واري شهر جي ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ اهڙيون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ ر??ائ??ي عمارتون تعمير ڪيون وڃن جيڪي جديد سهولتن سان ليس هجن. وز??را??ظم هد??يت ڪئي ته انهن هائوسنگ يونٽس جي تعمير ۾ تجربيڪار ۽ سٺي شهرت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا اهي منصوبا جن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان صلاحيت آهي، جي مناسب مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. وز??را??ظم چيو ته وفاقي گاد?? واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هد??يت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي.