اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??هشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قوم جون ڪوششون جاري رهنديون. صدر ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي تي پاڪستان آرمي کي ??راج تحسين ۽ شهيدن کي ??راج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد صوبيدار شجاع محمد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو ڏيڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي ??بر جميل عطا فرمائي.