اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تار??خ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان عوام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن، برطانيا پاڪستان جو سڀ کان وڏو يورپي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن جي رفتا سان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ترقي جا تمام گهڻا امڪان آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ??مشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي فروغ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ ڊاڪٽر ٽرنر جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سان ايندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ??رطانيا جي تعاون ۾ برطانوي هاءِ ??مشنر جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري جي لاءِ ??هم ڪردار ادا ڪرڻ تي هاءِ ??مشنر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ برٽش ايئر ويز جي ڪمرشل فلائيٽ آپريشن جي بحالي ۾ ان جي نمايان ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم هاءِ ??مشنر جي لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ??مشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.