اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تازو ئي لاڏاڻو ڪري ويندڙ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وف??قي سيڪريٽري مرحوم ڪيپٽن (ر) شير عالم محسود جي نمايان عوامي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس فوت ٿيڻ کانپوءِ هلال امتياز (سول) سان نوازڻ جو اعل??ن ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شير عالم محسود پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ دوران سروس ۾ دل بيهي وڃڻ سان لاڏاڻو ڪري ويو هو.