ڪراچي – 21 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري بکر جي پارٽي اڳواڻ محمد علي نقوي سان گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ بکر تعلقي جي صدر محمد علي نقوي سان سندس گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جي مغفر?? ۽ ??وڳ??ار خاندان ک?? صبر جميل عطا فرمائي.