اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چار سال کان پاڪستاني معيشت کي پنه??جي هٿان س??ن باهه لڳائيندڙ اڄ تنقيد ڪري رهيو آهي، 2016ع ۾ عمراني منصوبي جي شروعات ملڪ جي خلاف سازش جي شروعات هئي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ آئيني ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو، 6.2 سيڪڙو ترقي ڪندڙ معيشت کي زوال پذير ڪيو، 3 سيڪڙو مهانگائي جي شرح ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنه??جي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مالي سال 14 – 2013ع کان 18 – 2017?? تائين 5 سالن تي ٻڌل اقتصادي اشارين جي مقابلي ۾ پاڪستان تحريڪ ان??اف جي 19 – 2018ع کان 22 – 2021?? تائين (چار سال) جي اقتصادي اشارين جو تقابلي جائزو پڻ شيئر ڪيو.