اسلام آب??د – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اڄ جمعي ڏينهن فيصل آب??د ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ ٻڌا??و ته مريم نواز اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي فيصل آب??د پهچي رهي آهي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. مسلم ليگ (ن) پنجاب جو صدر راڻا ثناءُ ا??له خان پڻ ساڻس گڏ هوندو. سڀاڻي 11 مارچ تي فيصل آب??د ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چ??و ته مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن س??ن پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين فيبروري ??ان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آب??د، اسلام آب??د، راولپنڊي، سرگوڌا، ساهيوال ڊويزن جا دورا ڪري ??ڪي آهي.