اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اس??امي ملڪن جي يونيورسٽين جي وچ ۾ تحقيق جي فروغ ۽ ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جي مدد جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڻي وسيلن جي انتظام، ماحوليات سان لاڳاپيل مسئلن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اس??امي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر سليم ايم ال??لڪ سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ پنهنجي وفد جي ميمبرن سان ??ڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد ال??الڪي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ صدر جو سيڪريٽري وقار احمد پڻ موجود هئا. ان ??ان اڳ صدر ڊاڪٽر سليم ايم ال??لڪ کي اس??امي ملڪن جي وچ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ قائداعظم يونيورستي پاران پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر 21 هين صدي جي چ??لينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالم اس??ام پاران سائبر سيڪيورٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ڌيان ??يڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن چيو ته يونيورسٽين کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن آن لائين تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان ??ڏوگڏ شاگردن جي لاءِ پهچ جوڳي به آهي. اها ڳا??هه ذڪر جوڳي اهي ته اس??امي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم، تعليم، سائنس ۽ ثقافتج ي شعبن ۾ اس??امي دنيا جي وچ ۾ تعاون ۽ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهو موجوده دور جي چ??لينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ ٺوس اس??امي ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.