اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي علائقائي رابطن ۽ تعاون کي وڌا??ڻ جي لاءِ ٻين ملڪن جي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ شرڪت سميت سي پيڪ جي توسيع تي ڳالهه ٻولهه جاري رک?? تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره ڏينهن پرڏيهي آ??يس ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين گهڻ رخي پليٽ فارمز تي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد م??يد خان 16 کان 18 مارچ تائين چين جو دورو ڪيو. هن چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي ۽ نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته دوري دوران ڊاڪٽر اسد م??يد خان ۽ چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ پاڪ چين ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جي ٽئين دور جي گڏيل صدارت ڪئي، ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ٻطرفي واپار، اقتصادي ۽ مالياتي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي وڌائيندا ۽ مواصلات جي ذريعن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.