ڊيره غازي خان – 12– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آهن، عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ ريليف جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اتحادي حڪومت ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍندي، ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ قائد ۽ اقبال جي ??وابن جو پاڪستان بڻائينداسين. ڊيره غازي خان ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جي ??وري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ وڏي وزير محسن نقوي ۽ صوبائي حڪومت جي ??گر??ني ۾ مفت اٽي جي ورڇ جاري آهي، ملڪ کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آهن، اتحادي حڪومت پنهنجي قائد ميان نواز شريف جي ??هنمائي ۾ گڏجي ??نهن مشڪلات?? تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽي جي ورڇ جو وڏو پئڪيج ڏنو ويو آهي، ا?? ۾ ??ون کي به خدشا هئا پر اهو ڪم خوش اسلوبي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، رمضان المبارڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ دڪان?? تي سستي اٽي جي فراهمي تي غور ڪيو ويندو، عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ بحالي اسان جو اولين فرض آهي جنهن جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي قدم کڻي رهيون آهن، ان بهترين سلسلي کي ڪامياب ڪرائين، اٽي جي مفت فراهمي جي لاءِ بهترين انتظام?? تي چيف سيڪريٽري پنجاب، راجن پور، ليه، مظفر ڳڙهه ۽ ڊيره غازي خان جي ??نتظاميا جا قدم ساراهه جوڳا آهن، الله تعاليٰ اسان کي اڃا وڌيڪ همت ڏي ته اسان پاڪستان جي ??وام جي ??دمتون ڪريون، اٽو حاصل ڪرڻ ۾ صبر ۽ تحمل ۽ برداشت سان ڪم وٺو ۽ امن امان برقرار رکو، عورتن، بزرگن، بيمار ۽ خصوصي ماڻهن کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي، اسان ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ قائد ۽ اقبال جي ??وابن جو پاڪستان بڻائينداسين.