اسل??م آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عب??د نظاماڻي ڪابل ۾ واپس پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو عمل افغان عب??ري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ??مڪن ٿيو آهي. ترج??ان چيو ته 15 اپريل تي وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عب??ري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته عب??د نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي اسان جون نيڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي.