اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آ??ِ جو مشن آهي، آمريڪي ملٽري ايڊ رو??رائڻ پاڪستان دشمن ايجندا ۽ 9 مئي سانحي جي ڪڙيءَ آهي، پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته ڪو غدار، سازشي ۽ فارن ايجنٽ پنهنجي ڪوڙ، فريب، دوکي ۽ پروپئگنڊه سان هر وقت هر ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آ??ِ جو مشن آهي، اربين رپين جي فارن فنڊنگ انهي مشن جي لاءِ ورتي وئي، انهي فارن فنڊنگ سان ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ميڊيا مهم هلائي وئي. هن چيو ته فارن فنڊنگ سان سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٺاهيو ويو جنهن جي ذريعي پاڪستان جي آ??يني ۽ دفاعي ادارن ۽ انهن جي قيادت جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪ فوج جي قيادت ۽ شهيدن جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان دشمن ايجنڊا جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن چيو ته عوام سياست ۽ ملڪ دشمني ۾ فرق سڃاڻي چڪي آهي، سائفر ۽ 9 مئي هڪ ئي سازش جا ٻه مرحلا آهن، سائفر جي نالي تي آمريڪا جي خلاف پروپئگنڊه ۽ 9 مئي کانپوءِ آمريڪا کان مدد وٺڻ، عوام ڄاڻي ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جون سخت شرطون ۽ پوءِ پي ٽي آ??ِ پاران خلاف ورزي انهي ايجنڊا جو حصو هو ته جيئن پاڪستان کي اهم قومي مفادن تي جهُڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي. هن چيو ته هڪ ڪٺ پتلي کي م??ظم سازشي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ اقتدار تي مڙهيو ويو جنهن سي پيڪ رو??يو، ڪشمير جو سودو ڪيو، دهشتگردن کي پناهه ڏني ۽ هاڻي ملٽري ايڊ رو??رائڻ جي مشن تي آهي. هن چيو ته انهي ايجنڊا تحت پاڪستان جي ويجهي، بااعتماد ۽ سدائين ڪم ڪندڙ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو، ٻاهرئين ميڊيا ۾ جاري نام ن??اد انساني حقن جي مهم پڻ اصل ۾ انهي ڪڌي ايجنڊا جو تسلسل آهي ته جيئن پاڪستان جي عالمي امداد رو??رائي ۽ فوج جي اداري کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي.