اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23-2022ع مطابق جاري مالي سال دوران اقتصادي ترقيءَ جي اؤسر واري شرح 0.29 سيڪڙو رهي جڏهن ته معيشت جي ڳاڻيٽي ۾ 27.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق جاري مالي سال ۾ زرعي شع??ي جي اؤسر واري شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل سال دوران 4.27 سيڪڙو هئي. صنعتي ترقيءَ جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 2.94 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 6.83 سيڪڙو هئي. مينيوفيڪچرنگ جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 3.91 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 10.86 سيڪڙو هئي. اڏاوتن جي شع??ي جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 5.53 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 1.90 سيڪڙو هئي. بجلي، گيس، پاڻي جي فراهمي سميت انڊسٽريءَ جي ذيلي شعبن ۾ اؤسر واري شرح 6 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 3.14 سيڪڙو هئي. خدمتن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 0.86 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 6.19 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. هول سيل اينڊ ريٽيل ٽريڊ جي اؤسر واري شرح 4.46- سيڪڙو رهي، جيڪو گذريل مالي سال دوران ان شع??ي جي اؤسر واري شرح 10.3 سيڪڙو هئي. ان شع??ي جو دارومدار گهڻو ڪري زراعت ۽ صنعتي شع??ي جي ڪارڪردگي تي ٿئي. ٽرانسپورٽ اينڊ اسٽوريج جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 4.73 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 4.09 سيڪڙو هئي. رها??ش ۽ خوراڪ جي شعبي بابت خدمتن ۾ ترقيءَ جي شرح 4.11 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 4.08 سيڪڙو هئي. آءِ ٽي اينڊ ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 6.93 سيڪڙو هئي جيڪو گذريل مالي سال جي عرصي دوران 16.32 سيڪڙو هئي. ان شع??ي جي بهترين ڪارڪردگي سبب پي ٽي اي جي محصولن ۾ واڌ ٿي آهي. ان سال معيشت جي ڳاڻيٽي ۾ 27.1 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ هي 84658 ارب رپيا جيڪو گذريل مالي سال جي عرصي دوران 66624 ارب رپيا هو. في ڪس آمدني 1568 ڊالر رهي. جيڪو گذريل مالي سال دوران هي 1765 ڊالر هئي. اهڙيءَ طرح 11.2 سيڪڙ?? جي گهٽتائي ٿي جنهن جو اهم سبب ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي، جي ڊي پي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ آباديءَ ۾ واڌ آهي. مجموعي سيڙپڪاريءَ ۾ 10.2 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال ۾ 29.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هي جي ڊي پي جو 13.6 سيڪڙو رهيو. مالي سال 22ع دوران هي جي ڊي پي جو 15.7 سيڪڙو هو. نجي سيڙپڪاريءَ ۾ 6.18 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو گذريل مالي سال دوران 27.66 سيڪڙو هئي. نجي سيڙپڪاري جي ڊي پي جو تقريبن 8.8 سيڪڙو آهي جيڪو گذريل مالي سال 22ع دوران 10.5 سيڪڙو هئي. حڪومتي سيڙپڪاريءَ ۾ 14.10 سيڪڙو اضافو ٿيو. جيڪو گذريل مالي سال دوران ان ۾ 39.27 سيڪڙو اضافو ٿيو. حڪومتي سيڙپڪاري جي ڊي پي جو تقريبن 3.1 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 3.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. قومي بچت ۾ 44.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال دوران هي ڪاٽو 3.8 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. قومي بچت جي ڊي پي جو 12.6 سيڪڙو آهي، جيڪو گذريل مالي سال دوران 11.1 سيڪڙو هئي.