باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ اجاري شهر (قديم باڪو شهر) جو دورو ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم پنهنجي آذربائيجان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي اجاري شهر ۾ مختلف تاريخي عمارتن ۽ ميوزيم جو دورو ڪيو. وزيرا??ظم کي اجاري شهر ۾ قديم ملتان ڪاروان سرائي جو پڻ دورو ڪرايو ويو، جتي قديم شاهراهه ريشم تي سفر ڪندڙ واپاري قافلا گذرندا هئا. وزيرا??ظم کي ميوزيم ۾ قديم نوادرات پڻ ڏيکاريون ويون.