اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي سلامتي، خودمختياري جي تحفظ، مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آءِ بي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شه??دن تي قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽيلي جنس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل فواد اسد الله خان سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن وزيراعظم کي انٽيلي جنس بيورو جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم آءِ بي جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪي??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري، ملڪي ۽ غيرملڪي عنصرن کان خطرن جي مقابلي ۾ آءِ بي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ ۾ آءِ بي اهم ڪردار ادا ڪي?? آهي. هن چيو ته وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ آءِ بي کي قومي مفادن جي حوالي سان اضافي ٽاسڪ ڏنا جيڪي هن ڪاميابي سان حاصل ڪيا. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اندر مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ، دهشتگردي جي خاتمي ۾ آءِ بي فعال ڪردار ادا ڪي??، وقت سر اطلاعات جي فراهمي سان صحيح فيصلاسازي ۾ پڻ آءِ بي جو شاندار ڪردار رهيو. وزيراعظم فواد اسد الله جي پيشيواراڻي قابليت ۽ اداري کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آءِ بي جي آفيسرن ۽ عملي کي شاباس ڏني ۽ آءِ بي جي شه??دن کي خراج عقيدت پيش ڪي??. وزيراعظم چيو ته اداري جون غيرمعمولي ڪاميابيون فخر جوڳيون آهن، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ شهادت م??ڻيندڙ شه??دن تي قوم کي فخر آهي. فواد اسد الله خان وزيراعظم جي آءِ بي تي اعتم??د ۽ ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا، آءِ بي ملڪ جي سڀ کان پراڻي ۽ وڏي سويلين انٽيلي جنس ايجنسي آهي.