اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ب??جو?? ۾ جمعيت علماء?? اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي ش??يد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصانن تي پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولا??ا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ب??جو?? جي علائقي خار ۾ جمعيت علماء?? اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي ش??يد مذمت ڪريان ٿي، جنهن ۾ قيمتي جانين جو وڏو نقصان ٿيو ۽ درجنين زخمي ٿيا. پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولا??ا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ افسوس ڪريون ٿا. هن چيو ته هي واقعو ثبوت آهي ته دهشتگردن جو مذهب صرف دهشتگردي آهي، کين انسانيت، معصوم جانين سان ڪو به تعلق نه آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستان جي بقاءُ ۽ سالميت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.