اسلام آباد- 27 جولاءِ ( اي پي پي) قومي ??قتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ 1200 ميگاواٽ جي حامل چشما نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 منصوبي سميت اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي ??قتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوا، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود ??اش??، وفاقي سيڪريٽريز، سينيئر آفيسرن ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راولپنڊيءَ کان ڪهوٽا تائين 28.4 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ کي ٻٽو ڪرڻ سميت سهاله ريلوي پاس تي 4 لين پُل جي تعمير جي سلسلي ۾ مواصلات واري وزارت منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. منصوبي تي 23545.021 مل??ن رپيا لاڳت ايندا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 50-50 جي بنياد تي ان لاءِ فنڊز فراهم ڪندا. جڏهن ته اين ايڇ اي ان منصوبي کي مڪمل ڪندي. اجلاس ۾ دفاعي پيداوار واري وزارت جو ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس انفراسٽرڪچر منصوبي جي پڻ منظوري ڏني. ان منصوبي جي نظرثاني ٿيل لاڳت 10689.807 مل??ن رپيا آهي، جنهن ۾ 4934.56 مل??ن رپين جي غير ملڪي معاونت شامل آهي. اجلاس ۾ 45 ڪلوميٽر ڊگهي عبدالخيل، داعي- ڪلر ڪوٽ روڊ جي تعمير جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 14257.29 مل??ن رپين جي لاڳت ايندي. هي منصوبو اين ايڇ اي مڪمل ڪندو. وفاق ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڻي وسيلن واري وزارت جي ضلعي خاران ۾ گورک اسٽوريج ڊيم منصوبي جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 27753.76 مل??ن رپيا لاڳت ايندي. ايڪنڪ جي اجلاس ۾ نصير آباد ضلعي ۾ پٽ فيڊر ڪينال سسٽم جي ري ماڊلنگ منصوبي جي منظوري ڏني وئي، ان منصوبي تي 61793.36 مل??ن رپيا لاڳت ايندي. وفاق ۽ صوبو 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چشمي نيو ڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 1047988.84 مل??ن رپيا لاڳت ايندي. ان منصوبي لاءِ 187098.9 غير ملڪي ۽ 820742.99 مل??ن رپيا چيني قرض حاصل ڪيو ويندو. منصوبي تحت ميانوالي ۾ 1200 ميگاواٽ جو نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ تعمير ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن تي 12338.294 مل??ن رپين جي لاڳت ايندي. اجلاس ۾ پلاننگ ڪميشن جي انويسٽمينٽ پراجيڪٽ فانسنگ ڪمپونينٽ پاڪستان ريزيز روينيو پراجيڪٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ان منصوبي تي 21518.677 مل??ن رپيا لاڳت ايندي. عالمي ??ئنڪ ان منصوبي لاءِ 80 ملين ڊالرن جو قرض فراهم ڪندو.