اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) ڪاب??نه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل مالي سال د??را?? رمضان المبارڪ ۾ وزيراعظم پاران مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي م??ت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي وار?? وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوا وار?? وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت رابطاڪار بلال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سي??ئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان گذريل مالي سال د??را?? وزيراعظم جي م??ت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مستحق شهرين کي م??ت اٽو فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان مقصد لاءِ 985.43 ملين رپين جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. ان اسڪيم جي شروعات 18 مارچ 2023ع تي ڪئي وئي ۽ اها اسڪيم 16 اپريل 2023ع تائين جاري رهي.