اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اخب??ري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي هدايت ڪئي آهي ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان ??ي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان ??ه فوري رابطو ڪيو وڃي، هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان ??ام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، خصوصي س??ڙپ????ري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عملي جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ????ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??ل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي وفد م??اقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي زهني ۽ فڪري تربيت ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان ??ام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي س??ڙپ????ري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عملي جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار اد اڪري سگهي ٿي. نگران وزيراعظم اخب??ري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت کي هدايت ڪئي ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان ??ي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان پڻ فوري رابطو ڪيو وڃي. اي پي اين ايس جي وفد ۾ صدر ناز آفرين، سيڪريٽري جنرل سرمد علي، فنانس سيڪريٽري شهاب زبيري شامل هئا. ان موقعي تي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ٻ??ا آفيسر پڻ موجود هئا.