اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي قدمن تحت يوريا ڀاڻ جي ??ستيابي ۽ قيمت جي ??والي سان صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، في ٻوري قيمت گهٽ ٿي 4451 رپيا ٿي وئي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ وڌيڪ نمايان گهٽتائي ايندي. سينيٽ جي ??جلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي ??واب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته زراعت اسان جي ??ي ڊي پي جو اٽڪل چوٿون حصو آهي، زراعت اهو شعبو آهي جنهن ۾ اسان جي 40 سيڪڙو ليبر فورس ڪم ڪري ٿي، 2 لک 20 هزار ٽن يوريا تازو ئي درآمد ڪئي وئي. هن چيو ته ربيع سيزن جي ??والي سان يوريا ڀاڻ جي ??ستيابي جو ڪاٿو 35 لک ٽن هو، شروعاتي بيلنس 77 هزار ٽن هو، 32 لک 80 هزار ٽن مقامي پيداوار هئي، يوريا ڀاڻ جا ٻه ڪارخانا جنوري کان مارچ تائين بند رهيا جنهن جي ڪ??ي مقامي پيداوار ۾ 2 لک 25 هزار ٽن گهٽتائي ٿي، فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم جي پيداوار ۾ گئس جي کوٽ جي ڪ??ي يوريا جي پيداوار ۾ هن سال هڪ لک 80 هزار ٽن گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان ڀاڻ درآمد ڪرڻ جو فيصلو دير سان ٿيو جنهن جي ڪ??ي قيمتن تي اثر پيو، هن وقت يوريا جي ڪ??في مقدار دستياب آهي، ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خورن مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري سان گڏجي 12 ڊسمبر کان روزاني جي ??نياد تي ڀاڻ جي ??ستيابي ۽ قيمت تي نظر رکي آهي، صوبن کي يوريا جي ??ستيابي وڌائي وئي آهي، صوبائي حڪومتون ذخيره اندوزن جي ??لاف ڪارروائي ڪ??ي رهيون آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت ان ڏس ۾ 950 ايف آءِ آ??ز ۽ 104 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا آهن، سنڌ حڪومت به ان ڏس ۾ قدم کنيا ۽ 4 ملين رپين جا ڏنڊ هنيا، انهن سمورن قدمن سان يوريا جي ??ستيابي ۽ قيمت جي ??والي سان صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي. هن چيو ته يوريا جي قيمت جيڪا 5 هزار رپيا في ٻوري کان وڌي وئي هئي هاڻي اها 4451 رپيا في ٻوري ٿي وئي آهي، برآمدي يوريا جا ٻه جهاز 95 هزار ٽن يوريا کڻي اچي ويا آهن، نيشنل فرٽيلائيزر مارڪيٽنگ لميٽيڊ ان جي ڊسٽري بيوشن ڪري رهي آهي، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ يوريا جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته وزارت سوال نوٽ ڪيا آهن، انهن سمورن جو تفصيلي جواب وزارت ڏيندي.