اسلام آباد – 11 – جنوري (اي ??ي ??ي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ پهرين گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ جي پڄاڻي اسلام آباد پڌرنامي جي منظوري سان ٿي جيڪو قابل عمل منصوبن جي هڪ سيريز جي اهميت کي اجاگر ڪندو جيڪو ص??ت جي هنگامي صورتحال جي لاءِ هڪ مضبوط عالمي ردعمل، ص??ت جي سارسنڀال تائين برابر پهچ سميت هڪ پائيدار ۽ جامع ص??ت جي نظام کي فروغ ڏيڻ کي يقيني بڻائيندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته عالمي ص??ت جي خطرن ۽ عالمي ص??ت جي سلامتي کي وڌائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اربع ڏينهن وفاقي گادي واري شهر ۾ پهرين گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ جي شروعات ٿي جنهن ۾ صحت وارن وزيرن ۽ 70 کان وڌيڪ ملڪن جي صحت وارن وزيرن ۽ ماهرن قومي ص??ت جي سلامتي تي عالمي ص??ت جي سلامتي جي اثرن، وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ ردعمل، موسمياتي تبديلي ۽ ??ڀر??دڙ عوامي ص??ت جي خطرن، گهڻ رخي شعبه جاتي ڪوآرڊينيشن، ص??ت جي عالمي تحفظ جي لاءِ پائيدار ۽ برابر مالي مدد، يونيورسل هيلٿ ڪوريج تائين پهچ ۽ ويڪسين جي برابري کي يقيني بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني عالمي سطح تي ص??ت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ عالمي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته رڳو هڪ برابر عالمي ص??ت جو ڍانچو ئي هر ڪنهن کي مستقبل جي وبائي مرضن کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته گ ذريل ڏينهن اجلاس کي پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل ردعمل جي لاءِ گهربل ٻاهرئين ۽ اندروني ص??ت جي چئلينجن آ??و قومن جي گڏيل دارومدار کي اجاگر ڪيو. هن قومي مفادن ۽ قومي سرحدن کان مٿانهون ٿي ص??ت جي تحفظ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ متحده عالمي محاذ تي زور ڏنو.