اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ زراعت، ٽيڪنالاجي، تع??لم ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون، سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فرارس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي ل??ڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ل??ءِ اٽلي جي عهدو ڇڏي??دڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته اٽلي سان پاڪستان جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن، زرعي ٽيڪنالاجي، تع??يم ۽ سياحت ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اٽلي جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران مثالي تعاون تي ٿ??را مڃيا. هن نگران وزيراعظم کي پنهنجي سفارتي مدي دوران ٿي??دڙ اهم اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن اٽلي جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم عهدو ڇڏي??دڙ سفير جي اڳتي جي ذميوارين جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.